ارائونڊ دي ورلڊ- ڪتاب

ارائونڊ دي ورلڊ- ڪتاب

ارائونڊ دي ورلڊ

ارائونڊ دي ورلڊ (ڪتاب ):نامياري ڪالم نگار ۽ سفر نامن جي ليکڪ محمد خان سيال جو سنڌيءَ ۾، انگريزي نالي سان لکيل هي ڪتاب، سفر نامي تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ٽيهن ڏينهن اندر دنيا جي گولي کي اڪيلي سر چڪر هڻڻ جو سربستو ۽ دلچسپ احوال ڏنل آهي. انهيءَ سفر دوران، ليکڪ ڪراچيءَ کان جدي، مڪي، مديني، لنڊن، بيڊفورڊ، ايمسٽرڊم، نيويارڪ، لاس اينجلس (هالي ووڊ)، هونو لولو ۽ ٽوڪيو کان ٿيندو ڪراچيءَ موٽيو. هن ڪتاب جو مهاڳ، پنهنجي دؤر جي نامياري صحافي، روزاني ”الوحيد“ ۽ روزاني ”هلال پاڪستان“ جي اڳواڻي ايڊيٽر شيخ عبدالرحيم لکيو آهي. ڪتاب ۾ ڪل يارهن باب آهن. جن جو وچور هن ريت آهي: (1) ڀلي پار ڏانهن (مڪو شريف)، (2) مديني شريف ڏانهن سفر، (3) ڊيگال جي ديس ۾، (4) راڻي ايلزبيٿ جي راڄ ۾، (5) واهن ۽ هيرن جو شهر ايمسٽرڊم، (6) هيءُ نيويارڪ آهي، (7) جڳ مشهور هالي ووڊ ۾، (8) نرالي دنيا ڊزني لينڊ، (9) يونيورسل سٽي (هالي ووڊ)، (10) حيرت انگيز شهر هونو لولو ۽ (11) اڀرندڙ سج جي سرزمين جاپان. هي ڪتاب جنوري 1998ع ۾، عامر سيال پاران سورٺ اڪيڊمي ڪراچيءَ شايع ڪيو، ڊيمي سائيز ۾ 152 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 80 روپيا آهي.


لفظ ارائونڊ دي ورلڊھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو